شِوَ مندر، جوهي

شِوَ مندر، جوهي

شو مندر جوهي

شِوَ مندر، جوهي: هن شِوَ مندر جي عمر 200 سال کن ٻڌائي وڃي ٿي. هيءُ مندر جوهي شهر جي ڏاکڻي حصي ۾ آهي. جوهي، دادو شهر کان 17 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اولهه طرف ڪاڇي جي علائقي ۾ آهي. هيءُ مندر ثقافتي توڙي معماري جي لحاظ کان خاص وصفون رکي ٿو. ماضيءَ ۾ هي مندر جوهي شهر کان ڪجهه مفاصلي تي هو،پر آبادي وڌڻ سبب شهري حدن ۾ اچي ويو آهي، هن وقت مندر جوهيءَ جي وڏين اڏاوتن مان آهي. هن مندر کي ٻه گنبذ آهن. هڪ قبي وانگر 70 فوٽ اوچو ۽ ٻيو شڪارپور وانگر. هن مندر کي ونگدار چار لنگهه آهن. هن وقت ٻن دروازن کي لوهي در هڻي بند ڪيو ويو آهي.
سڄو مندر لوهه، سيمنٽ ۽ چيروليءَ سان اڏيل آهي. ٻنهي گنبذن جي هيٺان مورتيون رکيل هيون، جيڪي ورهاڱي کان پوءِ هٽايون ويون آهن. ڪن مورتين کي ٽوڙيو ويو، جن جا ٽڪر اڄ به مندر جي ڪنڊ ۾ پيل آهن. لنگهه جي پانيلن تي هاٿي ۽ ڪبوترن جا چٽ، اندرين طرف چٽيل آهن. ٻاهرين ڀت تي به ڪيترائي مهندسي چٽ ۽ گلن ٻوٽن جا نقش چٽيل آهن. وچ واري گنبذ جي هيٺان ڪن ديوين جون مورتيون اڪريل آهن، اهي مورتيون هال جي چئن ئي ڀتين تي اڪريل آهن.
مقامي طور هن مندر کي ‘قبي’ جي نالي سان سڏين ٿا. هن وقت مندر جي شيوا ڌاري جي جاءِ تي چانڊيا قبيلي جي ماڻهن جو قبضو آهي. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته هي چيني مندر آهي. جڏهن ته ملندڙ مجسمن جهڙوڪ: ڳئون، ڍڳو وغيره جي ڪري پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته هي شِوَ جو مندر آهي. دادو ضلعي تي ٻڌ کان سواءِ شو مذهب جو اثر رهيو آهي جو هتي ڪيترائي شو جا ميلا لڳندا آهن. اهڙن ميلن ۾ ڀڳت ڪنور رام ۽ ماسٽر چندر به ايندا هئا. هن مندر جو نمونو نيپالي شِوَ مندر جهڙو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو